مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

چونڊ مضمون

Indus civilisation seal unicorn at Indian Museum, Kolkata.jpg

سنڌو لکت نشانين جو مجموعو آهي، جيڪا سنڌو تهذيب جي ماڻهن، ڪوٽڏجي ۽ هڙاپا واري دور ۾ 3500 کان 1900 قبل مسيح ۾ جوڙي هئي. جن مُهرن تي اها لکت لکيل آهي اهي بيحد ننڍا آهن، ان لاءِ اهو چوڻ مشڪل آهي ته اهي نشانيون لکت سرشتو آهي يا نه. 1900 قبل مسيح کان پوءِ، هڙاپا جي پُختي دور جي آخر ۾، نشانين جو باترتيب استعمال ختم ٿي ويو. 1100 قبل مسيح ۾، هڙاپا ۾ نشانين جي ڪجهه استعمال جون شاهديون ملن ٿيون، اهو دور هندوستان ۾ لوهه واري دور جي شروعات هو. گجرات جي بيت دورڪا سمنڊ ڪناري کوٽائي مان پراڻي سنڌو تهذيب جون نشانيون مليون آهن، جنهن ۾ هڪ ٽن مٿن وارو جانور، مٽي جي ٿانءُ تي چٽيل نشانيون جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي آڳاٽي هڙاپا جي لکت آهي، اتان هٿ آيل ٿانءُ 1528 قبل مسيح جا آهن، ان لاءِ اهو دليل ڏنو وڃي پيو ته آڳاٽي هڙاپا جي ٻولي 1500 قبل مسيح تائين جاري هئي. سنڌو لکت سان ميل کائيندڙ ٻي ڪا به لکت اڃان تائين موجود ناهي نه ئي ڪا گھڻ لساني مُهر موجود آهي، جنهن جي ذريعي لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪجي. لکت ۾ ڪجهه تبديلون آهن، جن جي باري ۾ خيال ڪيو وڃي ٿو ته مختلف جڳهن تي لکت ڪجهه تبديل ٿيندڙ هئي. سنڌو لکت کي ڪير پڙهي نه سگھيو آهي، تنهن باوجود ان تي ڪوششون هلندڙ آهن.

هاڻوڪا واقعا

اينتو گرزمين
  • 15 جُولاءِ فٽبال ورلڊ ڪپ ڪروئيشيا کان فرانس کٽي ورتي. (تصوير، اينتو گرزمين، راند جو بهترين کلاڙي)
  • 13 جُولاءِ مستونگ ۾ چونڊ مهم دوران ڌماڪي ۾ اسلم رئيساڻي سميت 128 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
  • 12 جُولاءِ جاپان ۾ ٻوڏ سبب 200 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
  • 12 جُولاءِ ميونخ ۾ نيشنل سوشلسٽ انڊرگرائونڊ سان تعلقات سبب بيتي زشچپي کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي.
  • 10 جُولاءِ پشاور ۾ ٿيل خودڪش ڌماڪي ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سميت 14 ڄڻا شهيد ٿي ويا.


تازيون فوتگيون دادا جشن واسواڻي، رسول بخش پليجو، مشتاق احمد يوسفي، وڌيڪ...

اڄ جو ڏينهن

جمعو 20 جُولاءِ 2018ع مطابق 8 ذوالقعد 1439ھ
علاوالدين خلجي

ڪولمبيا ۾، آزادي جو ڏينهن

  • 19940 — دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم سريماوو بندرانائڪي (تصوير) سريلنڪا ۾ عهدو جو قسم کنيو.
  • 1944 — حڪومتي انگ اکرن مطابق ممئبي ۾ مليريا وگھي 3 مهينن ۾ 34 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
  • 1947سرحد صوبي جي ماڻهن ريفرينڊم جي ذريعي پاڪستان سان الحاق جي حمايت ڪئي.
  • 1949عاسرائيل ۽ شام 19 مهينن جي جنگ کان پوءِ جنگ ختم ڪرڻ جي مهادي تي صحيون ڪيون.
  • 1969ع — پهريون دفعو ڪنهن ماڻهو چنڊ تي قدم رکيو، اهو اعزاز آمريڪي خلاباز نيل آرمسٽرانگ کي حاصل آهي.

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 10,168 مضمون موجود آهن.

اڄ جو لفظ

2

بانڪڙو
ڪاٺ جي پٽين يا ڏَڪن مان ٺهيل بينچ
جنهن کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ پُٺ به لازمي هجي
هن قسم جون بينچون هوٽلن تي ڏسبيون آهن. بانڪڙي مان ئي ٻاڪڙا هوٽل جو اصطلاح ٺهيو آهي.

ڇا توھان ڄاڻو ٿا

  • ... ته گهوٽڪي جو اصل نالو گهوٽہ آهي. هن شهر کي 1447ع ڌاري پير محسن شاھ ٻڌو هو.
  • ... ته سنڌي ٻوليءَ جي پهرين فلم جو نالو ايڪتا هو، هيءَ فلم 1934ع ڌاري ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1942ع ۾ مڪمل ٿي، هيءَ فلم پهريون ڀيرو ڪراچيءَ جي تاج محل سئنيما ۾ چئين بجي واري شو ۾ رليز ٿي.
  • ... ته سوفيءَ جي دنيا ناروي ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ناول آهي. هن ناول جو انگريزي ترجمو 1995ع ۾ شايع ٿيو، ان سال هي انگريزي جو وڌيڪ وڪامندڙ ڪتاب پڻ ثابت ٿيو.
  • ... ته سنڌ سڌار سنڌي ٻوليءِ ۾ پهرين اخبار تسليم ڪئي وڃي ٿي. هي اخبار تعليم کاتي طرفان 1882ع ۾ جاري ڪئي وئي. هن اخبار جا پهريان ايڊيٽر مرزا صادق علي بيگ، ساڌو هيرانند ۽ ٻيا ناليرا صحافي ٿي گذريا آهن.
  • ... ته پهرين سنڌي عورت جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي يونيورسٽي آف ايڊنبرا مان پي ايڇ ڊي ڪئي ان جو نالو ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد آهي.
  • ... ته آمنه جروار اها سنڌياڻي آهي، جنهن ننڍي عمر ۾ شاهه جي رسالي کي حفظ ڪيو.
  • ... ته چاڪر خان رند (تصوير) بلوچ قوم جو پهريون نامور سردار هو. سندس والد مير شهڪ خان جي وفات کانپوءِ 30 سالن جي عمر ۾ سڀني بلوچ سردارن کيس پنهنجو اڳواڻ منتخب ڪيو.

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 10,168 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


اسان سان سماجي رابطن واري ويبسائيٽ: F icon.svg يا G 2014-04-24 22-48.png ۾ گڏجو.
(ياد رهي! سماجي رابطن واري ويبسائيٽ سان وڪيپيڊيا جو ڪو سڌو تعلق ناهي.)

وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا به ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا به ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.