مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

چونڊ مضمون

Kargil war.jpg

ڪارگل جنگ پاڪستان ۽ هندوستان جي وچ ۾ هڪ جنگي ڇڪتاڻ کي چيو ويندو آهي، جيڪا 1999ع جي مئي ۽ جون جي مهينن ۾ ڪشمير جي ضلعي ڪارگل ۽ لائين آف ڪنٽرول جي علائقن ۾ وڙهي وئي. هندوستان ۾ هن تنازعي يا جنگ کي آپريشن وجي (سوڀ) جي نالي پڻ سڏيو ويندو آهي، هي آپريشن هندوستان ڪارگل جي علائقن کي خالي ڪرائڻ لاءِ شروع ڪيو هو. ھن جنگ جو سبب، پاڪستان جي فوجي سپاهين پاران لائين آف ڪنٽرول ٽپي ڪارگل ۾ هندوستان جي فوجي چوڪين تي قبضو ڪرڻ هو. جنگ جي شروعات ۾، پاڪستان پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته وڙهندڙ ڪشيمري مجاهد آهن، آپريشن وجي کان پوءِ مئل فوجين، ۽ پاڪستان جي وزير اعظم ۽ پاڪ فوج جي سربراهه جي بيانن مان ڳالهه واضع ٿي ته وڙهندڙ پاڪستان جي فوج جا اهلڪار هئا. ڪارگل جنگ جا ٽي مُک مرحلا هئا. پهريون، پاڪستان جي فوج پاران هندوستاني ڪشمير جي علائقن ۾ داخل ٿيڻ ، ٻيو، هندوستان جي فوج کي پاڪستان فوج مداخلت جي سڌ پوڻ ۽ ان جي جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجي فوج کي متحد ڪرڻ ۽ ٽيون مرحلو هندوستان پاران ڪارگل ۾ آيل پاڪستاني فوجين خلاف جنگ ڪري سڄو علائقو خالي ڪرائڻ هو، جنهن ۾ هندوستان جي فوج ڪامياب وئي.

بهترين مضمون

Zahirul islam abbasi.jpeg

ميجر جنرل ظهير الاسلام عباسي 12 جنوري 1943ع تي پيدا ٿيو. پاڪستان فوج جو ڪمانڊر ۽ آفيسر هو. 1963ع تي عباسي پاڪستان فوج جي بلوچ ريجمنٽ ۾ ڪميشن ذريعي شامل ٿيو. 1987ع کان 1988ع تائين، هن پاڪستان جي نيو دهلي ۾ سفارتخاني ۾ فوجي صلاحڪار طور خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڪستان جي چونڊيل حڪومت، کي ڪيرائڻ جي سازش ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ هن کي عهدي تان لاٿو ويو. هن تي الزام هو ته هي پاڪستان جي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ پاڪستاني فوج جي سربراهه عبدالوحيد ڪاڪڙ کي پڻ عهدي تان هٽائڻ جي سازش رٿي رهيو هو، ان لاءِ فوجي عدالت کيس ست سالن جي سزا ڏني.

هاڻوڪا واقعا

سهالي ورڪ زيوڊي
سهالي ورڪ زيوڊي

اڄ جو ڏينهن

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 11,085 مضمون موجود آهن.

هلندڙ منصوبا

Wikipedia Asian Month Logo v2 sd.png

وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو هڪ ساليانو مقابلو آهي، جنهن جو مقصد وڪيپيڊيا جي مختلف ٻولين ۾ ايشيا جي حوالي سان مواد ۾ واڌارو ڪرڻ آهي. وڌيڪ مضمون لکندڙ کي وڪيپيڊيا ايشيائي سفير جو اعزار ڏنو ويندو.

اڄ جو لفظ

2

بانڪڙو
ڪاٺ جي پٽين يا ڏَڪن مان ٺهيل بينچ
جنهن کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ پُٺ به لازمي هجي
هن قسم جون بينچون هوٽلن تي ڏسبيون آهن. بانڪڙي مان ئي ٻاڪڙا هوٽل جو اصطلاح ٺهيو آهي.

اڄ جو قول

ڇا توھان ڄاڻو ٿا

Indus script fonts.png
  • ... ته عورتن کي پهريون دفعو ووٽ جو حق 1893ع تي نيوزيلينڊ ۾ ڏنو ويو، اهو حق آمريڪا ۾ 1920ع ۽ سعودي عرب ۾ 2011ع تي ڏنو ويو.
  • ... ته انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جو بنياد 1989ع تي پيو. ڪمپيوٽر سينٽر ۽ الڳ الڳ قسمن جي لغتن کان سواءِ هتي سنڌي ٻولي جا اسڪول پڻ هلايا وڃن ٿا.
  • ... ته قديم يوناني رياستن ۾ جڏهن شهري آزاديءَ جو شعور وجود ۾ آيو، تڏهن عالمن جو هڪ اهڙو گروهه پيدا ٿيو جيڪو معاوضي تي سياست، مدنيت، فن تقرير اصول بلاغت، منجهيل معاملن تي سکيا ڏيندو هو. اهڙن پگهاردار عالمن کي سوفسطائي چيو ويندو هو.
  • ... ته 1937ع وارين سنڌ جي صوبائي چونڊ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي 22 سيٽون کڻي اڪثريتي پارٽي بڻي، تنهن باوجود سنڌ جي گورنر اقليتي تنظيم سنڌ مسلم پوليٽڪل پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني.
  • ... ته انڊس اسڪرپٽ فونٽ آسڪو پرپولا جي پي ايڇ ڊي ٿيسز، جي بنياد تي ٺاهيل ڪمپيوٽر فنٽس جو نالو آهي، جيڪي شبير ڪنڀار ۽ امر فياض ٻرڙي جوڙيا.

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 11,085 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
F icon.svg ، Twitter icon.png ، YouTube icon.png ، Tumblr icon.png ، Instagram logo 2016.svg ۽ Google-plus-pink.svg ۾ گڏجو.

وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا به ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا به ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.